پوسٽنس ٿامس

پوسٽنس، ٿامس: ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر حڪومت جي نامياري ليکڪ، ڪئپٽن ٿامس پوسٽنس 1808ع ڌاري لنڊن ۾ جنم ورتو. هن تعليم به اتي ئي حاصل ڪئي. جوانيءَ ۾ هي پنهنجي زال ميئيني پوسٽنس سان گڏجي سنڌ آيو. 1829ع ۾ بمبئي جي پيادي فوج ۾ بطور ڪئپٽن شموليت اختيار ڪئي. ان دؤران سندس اسسٽنٽ سر هينري پاٽينجر هو، جيڪو ان دؤر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ هو. هن 1839ع کان 1841ع تائين سنڌ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون، ان دؤران هن پنهنجي گهر واري ميرئيني پوسٽنس سان گڏجي سنڌ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪيو. ان سفر کي هن پنهنجي ڪتاب (Personal Observation on Sindh) ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو لنڊن مان 1843ع ۾ شايع ٿيو ۽ هن ڪتاب کي ٻيهر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف واقعن بابت ڄاڻ، آبهوا، سماجي رسمن، زراعت، آبادي، ٽالپر حڪومت جي تعريف ۽ ٽالپر حڪمرانن جي چڱن مڙسن ۾ عبدالله خان ٽالپر جي تعريف ۽ سندس طرز حڪومت تي به پنهنجا مشاهدا پيش ڪيا آهن. جڏهن ته سنڌ جو جاگيرداري نظام، سنڌ کي پسماندگيءَ ۽ قبيلائي جهيڙن جي جڙ، سنڌ جي فتح کان اڳ 1840ع کان 1843ع تائين جو احوال، 1838ع ۾ سنڌ مان انگريزن جي ڪابل تي چڙهائي، سنڌ جي قديم تاريخ جو جائزو، اليگزينڊر جي فتح واري دؤر جي ڄاڻ، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو خانداني پسمنظر، سنڌ جي عام ماڻهن سان گفتگو، سنڌ تي سنڌ نالو ڪيئن پيو، سنڌ ۾ فارسي ڳالهائيندڙ افغان فوجين وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن جي ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم منظرن جي تصويرن ۾ سنڌ جي عورت جي تصوير، پلو ماريندڙ مير بحر، اٺ تي چڙهندڙ بلوچ، سنڌي حقو، اٺ وسيلي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو طريقو، سنڌوءَ ڪناري ٻيڙيون، سيوهڻ شريف جو سنڌو کان نظارو، سنڌي هاريءَ جي تصوير، بئنسري وڄائيندڙ، بندوقون، تير ۽ ڪمان، تلوار ۽ ڍال وغيره شامل آهن. ان کان علاوه هن پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي زراعت جي حوالي سان لکيو آهي ته ”ڏکڻ سنڌ ۾ چانور ايتري انداز ۾ اپايا وڃن ٿا، جو ان ۾ ڪافي بچت ٿئي ٿي. اتر سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيه فصل جوئر ۽ ڪڻڪ گهڻي انداز ۾ پوکبا هئا ۽ اهي اعليٰ درجي جا هوندا هئا.“ هن ڍل بابت لکيو آهي ته زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته سرڪار کي ڍل مان ڪل 80 لک روپيا ملندا هئا. ان کان علاوه هن سنڌ ۾ ٺهيل ٺڪر جي ٿانون، ڪاٺ مان ٺهيل سامان، عمارتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ جي به تعريف بيان ڪئي آهي. ان ڪتاب کان علاوه هن ڪيترائي سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي سان مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو